خانبهادر ولي محمد آفندي

خانبهادر ولي محمد آفندي

خانبهادر ولي محمد آفندي

خانبهادر ولي محمد آفندي: خانبهادر ولي محمد، ناليواري تعليمدان حسن علي آفنديءَ جو پٽ هو. سندس جنم 5 ڊسمبر 1860ع تي ٿيو. بنيادي تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتائين، پوءِ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان 1882ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1883ع ۾ تعليم کاتي حيدرآباد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو. 1885ع ۾ سندس والد حسن علي آفندي ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي جو بنياد وڌو. ٻن سالن بعد ان مدرسي جو پرنسپال مقرر ٿيو. 1887ع کان 1897ع تائين ڏهه سال مدرسي جي ترقيءَ ۾ ڪافي ڪوششون ورتائين. 1895ع ۾ حسن علي آفنديءَ جي وفات بعد مدرسي مان ڊگهي موڪل وٺي وڪالت پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ 1899ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري سنڌي مسلمانن ۾ پهريون وڪيل بڻيو. ان بعد خان بهادر ولي محمد روينيو کاتي ۾ ملازمت دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ 1915ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ٿيڻ بعد کيس انتظامي ۽ تعليمي خدمتن عيوض ’خانبهادر‘ جو خطاب مليو. 1915ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي 20 سال ڪم ڪيائين. خانبهادر ولي محمد آفندي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين ميمبر به رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ضلعي جي اندر تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. 1897ع کان آخر تائين، سنڌ مدرسي بورڊ ۽ ان جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو ۽ پنهنجي پيءُ جي قائم ڪيل اسڪول جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش ورتائين.
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي 1924ع ۾ وفات بعد ان جي جاءِ تي مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1931ع ۾ ’سنڌ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘ جي چيئرمئن جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان کانسواءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ڪيترو عرصو فيلو پڻ رهيو. خانبهادر ولي محمد کي ٻن پٽن ميان عنايت علي خان ۽ ميان حسن علي خان جو اولاد هو. عنايت علي پوليس ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ۽ ميان حسن علي خان ڪسٽمس ۾ آفيسر هو. سندس ٻئي پٽ وفات ڪري ويا آهن. خانبهادر ولي محمد ’بانٺ‘ جي ڀر ۾ پيءُ پاران آيل زمين جي سار سنڀال لاءِ ويو، جتي 14 فيبروري 1934ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪيائين.


لفظ خانبهادر ولي محمد آفنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.12.05  عيسوي

خانبهادر ولي محمد، ناليواري تعليمدان حسن علي آفنديءَ جو پٽ هو. سندس جنم 5 ڊسمبر 1860ع تي ٿيو.


1934.02.14  عيسوي

خانبهادر ولي محمد آفندي 14 فيبروري 1934ع تي دل بيهڻ سبب وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابر علي
خان محمد مڱڻهار
ڏيٿو عبدالرحيم
حسن ناصر
ڀوپو
مولانا محمد علي سنڌي
شاهد ڀٽو
ارنيسٽ ٽرمپ
ڀٽو محمد اسماعيل
جارج اسٽيفنسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون